اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي ??ي) سينيٽ جي چيئرمين محم?? صادق سنجراڻي اسلام آباد ۾ ڪويت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصب??ح جي لاڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سي??ريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت جو امير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي قيادت ۾ ڪويت اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺو آهي، هن چيو ته ڪويت جي امير جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو.