اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ چيو ته نواز شريف جي ??قر??ر نشر ٿيڻ ڏيو، نواز شريف جي ??قر??ر سڌوسنئون نشر ٿيڻ سان هو پاڻ ايڪسپوز ٿي ويو آهي، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته سندس ڳالهين ۾ ڪيتري منافقت آهي ۽ هو مڪمل صحتمند ڏسڻ ۾ آيو آهي، واضح ٿي ويو ته ٻاهر وڃڻ جي لاءِ بيماري جي شعبده بازي ڪئي وئي، وفاقي گادي واري شهر جو ماح??ل نارمل آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلا?? بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز شريف جي ??قر??ر ۾ ظاهر هئي. مخالف ڌر پارٽين پاران منعقد ڪيل اي پي سي تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر جو ماح??ل نارمل آهي رڳو ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف اڄ جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي، نواز شريف 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪوآهي، نواز شريف کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلا?? بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي؟ ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز شريف جي ??قر??ر ۾ ظاهر هئي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف کي بيانيو ڪنهن جي طرفان ڏنو پيو وڃي.