اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نو?? الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه ??اڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجر??ح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه ??اڪن جي ڇپائي جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.