اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته 330 ميگا??اٽ جي ٿر بلاڪ ??و پاور پلانٽ تي ڪم تيزي س??ن جاري آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٿر انرجي لميٽيڊ ۽ حبڪو ڪوويڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان منصوبي ۾ 50 ڪروڙ ڊ??لر جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ 805 مقامي ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار مليو آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي مالياتي معاملن کي هلندڙ سال 31 جنوري تي حتمي شڪل ڏني وئي هئي.