لاهور / اسلام آباد – 13 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ ??عي??ت ج?? ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪي?? ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتياط نه ڪي?? ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳا??هائي رهيو هو.