اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آه?? ته اداڪاره صبيحه خانم جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، پاڪستاني فلم جي ناقابل فراموش دور جو هڪ باب اڄ ختم ٿي ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز ??يو ته پنهنجي فنڪاراڻي صلاحيتن سان هن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ??نفرد سڃاڻپ ماڻي، فلمي صنعت جي فروغ ۽ فن جي آبياري ۾ سندس ڪردار ??نت??ائي اهم رهيو، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.