اسلام آباد – 18 مئ?? (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد 20 مئ?? کان ايس او پيز ۽ سماجي فاصلي کي برقرار رکندي 15 ٽرينون هلائڻ جو اعلا?? ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سٺا نتيجا سامهون آيا ته پهرين جون کان وڌيڪ ٽرينون هلايون وينديون، عوام کي اپيل آهي ته اهي مسافرن کي ڇڏڻ ۽ وٺي وڃڻ جي لاءِ اسٽيش??ن تي نه اچن، ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ذميواري ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ تي هوندي. هو ريلوي واري وزارت جي ميدڊيا سينٽر ۾ ميڊيا بريفنگ ڏئي رهيو هو.