اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آه?? ته جيئن اسان ??ن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آه??. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ??ه پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهب?? آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.