اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ??ه وفاقي حڪومت ڪرونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملازمن جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، 50 سالن کان وڌيڪ نزلي، زڪام ۾ ور??ل ملازم گهر ۾ ويهي ??رڪاري معاملا اڳتي وڌائيندا. ٻن هفتن جي لاءِ نادرا، پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، سي ڊي اي جي ون ونڊو، آفيسن ۾ ٻارن جي لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرن سميت ٻين سڀني اهڙن شعبن کي ب??د ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي عوام جو تحفظ ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي.