اسلام آباد – 18 –; آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ??اڪ??تان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي ??اڪ??تان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عم??ان خان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ??اڪ??تان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت ??اڪ??تان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ??اڪ??تان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان ??اڪ??تان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عم??ان خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي ??اڪ??تان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت ??اڪ??تان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.