اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته رحمت للعال??ين عشره ۾ نوجوانن ۽ ٻارن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻ نب?? ﷺ جي روزمره جي زندگي جي اصولن کي اجاگر ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن رحمت للعال??ين عشره ۽ 12 ربيع الاول جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي رحمت للعال??ين عشره جي حوالي سان ٺاهيل حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ارسلان خالد شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حضور ﷺ پوري ڪائنات جي لاءِ رحمت بڻجي نازڪ ٿيا، پاڻ ﷺ جي سيرت پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رحمت للعال??ين عشه ۾ نوجوانن ۽ ٻارن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻ ﷺ جي روزمره جي زندگي جي اصولن کي اجاگر ڪيو وڃي.