اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل توانائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستا?? جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ??يو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسا?? جي حڪومت جي ”ڪاروبار?? دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.