اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي سهولتون فراه?? ڪري رهيو آهي، گهڻو ڪري مغربي ملڪ افغانستان مان پنهنجو سفارتي عملو ڪڍڻ ۾ مصروف آهن ۽ وڌ کان وڌ سفارتي مشنز بند ڪيا ويا آهن.
ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو افغان شهرين ۽ ٻين ملڪ?? جي شهرين کي افغانستان مان نيڪالي تي مدد فراه?? ڪري رهيو آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني س??ير منظور احمد خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي ويزا ۽ قونصلر خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان سمورن بين الاقوامي ادارن، سفارتڪارن، تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائند?? جي افغانسان مان حفاظت سان منتقلي ۽ وطن واپسي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي هن وقت تائين 400 ويزائون جاري ڪيون ويون آهن. ٻين ملڪ?? جي شهرين کي 800 ويزائون جاري ڪيون ويون آهن. گذريل آچر تي طالبان ڪابل تي ڪنهن خون خرابي کان سواءِ قبضو ڪري ورتو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجا سفارتي مشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سفارتي عملي کي فوري طور تي افغانستان مان نڪرڻ ??و حڪم ڏنو جنهن سبب افراتفري ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته ڪابل جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن جو گهڻي تعداد سبب صورتحال پيچيده ٿي وئي آهي.
هن ان حوالي سان پاڪستان مختلف ملڪ?? جي شهري?? جي سهولت جو دائرو وسيع ڪيو. ۽ بين الاقوامي ميڊيا سفارتڪارن ۽ پاڪستان رستي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ جي خواهشمند افغان شهرين لاءِ عارضي ويزائون جاري ڪرڻ جي دائريڪار کي وڌائيندي کين هر طرح جي معاونت فراه?? ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پاڪستاني س??ير اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو سفارتخاني سان رابطو ڪن. هن چيو ته اسان افغان صحافين ۽ انه?? جي ڪٽنبن کي غيريقيني جي صورتحال ۾ ويزا فراه?? ڪرڻ جا خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون.
ميڊيا سان واڳيل ماڻهو ويزا حاصل ڪرڻ جا خواهشمند پاڪستاني سفارتخاني جي پريس قونصلر سان واٽس ايپ نمبر 00923222807687 تي رابطو ڪن ته جيئن انهن کي سهولتون فراه?? ڪري سگهجن. پاڪستاني سفارتخاني جي پريس قونصلر طاهر نواز ڪابل مان اي پي پي کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ميڊيا نمائندن کي 400 جي لڳ ڀڳ ويزائون جاري ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته انهن ۾ افغان ۽ ٻين ملڪ?? جي ميڊيا جا نمائندا شامل آه?? جيڪي افغانستان ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي ميڊيا لاءِ خدمتون فراه?? ڪري رهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستا?? جي پبلڪ ڊپلوميسي ونگ پنهنجي اهلڪارن جا ٽيليفون نمبر شايع ڪيا آهن ته ڪنهن به قسم جي معاونت لاءِ ويزا آفيسر 009300728627، ويزا اسسٽنٽ 0093786324769 ۽ س??ير جي نمبر 0093707300900 سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.