اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي ج?? ترقي ۽ خوشحالي ج?? خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني س??ن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي س??ح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي س??ح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي س??ن عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ ??خت??ف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي س??ح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي سفير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي ج?? فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ?? مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي ج?? بندش سان علائقي ج?? عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي س??ن عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران جي سفير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متوقع ايران جي دوري ج?? حوالي س??ن سفير سينيٽ چيئرمين کي دوري ج?? رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.