اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ من??فع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪ??لا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بخت??ار?? وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪ??لا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪ??لا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪوڪا ڪ??لا ڪمپني پاران پاڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان من??وبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي من??وبي جي حوالي کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان من??وبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان نئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌ?? موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ من??فعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.