اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي زوال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”ز??رو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم قدم کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو آر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري ??ان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشهور يونيورسٽيون پهرين ئي ”ز??رو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري ??ائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري ??يان ۾ چيو ته پاڪستان ”فائيو آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري ??ر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري ??ائيڪل) ڪميونٽي پهرين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري ??ر ف??رم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرا??ي ٻنهي سطح تي ماحولياتي زاوال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي معاشري ??ي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.