اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته تاجڪستان سان واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ اف??انستان ۾ تڪرار جو پرامن سياسي حل اڻٽر آهي، ماحولياتي آلودگي جي معاملي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏجي آواز بلند ڪندا، ڀارت جي ڪشمير تي 5 آگسٽ جا قدم خطي جي امن لاءِ خطرو ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمانوف سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تاجڪستان جي صد?? کي خوش آمديد چوان ٿو، هو ان کان اڳ به پاڪستان اچي چڪو آهي.