اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪير بکيو نه سمهي“ موبائيل لنگر جو ??اضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. شروعاتي طور تي ان پروگرام جي لاءِ راولپنڊي، اسلام آباد کي ماڊل شهر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جون کان احساس پروگرام تحت 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، آبادگارن کي ڀاڻ تي سڌوسنئون سبسڊي شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تحت ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو ??فتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ??اڪ??تان بيت المال جي چيئرمين عنون عباس پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته احساس پروگرام جي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سيڪريٽري سميت پوري ٽيم کي آئون مبارڪباد ڏيان ٿو، هنن پناهگاهن کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي ته پورهيت جيڪي پنهنجي گهروارن جي لاءِ محنت ڪن ٿا، اه?? پنهنجو پئسو بچائي انهن کي موڪلي سگهندا، اه?? مزدور جيڪي سڀ کان مشڪل زندگي گذاري رهيا هوندا آهن انهن جي لاءِ هي پناهگاهون هڪ پناهه آهي، هتي انهن کي عزت سان معياري کاڌو ۽ رهائش ڏني وڃي ٿي. هن عملي کي هدايت ڪئي ته اه?? اهڙن ماڻهن سان صحيح طريقي سان پيش اچن، ائين نه ٿئي جو ??هڙي طرح معاشري ۾ ڪمزور طبقي بابت سوچ آهي، ائين ئي انهن سان رويو رکيو وڃي بلڪه انهن کي بهتر ماحول ڏيو، ان جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، شروع ۾ جڏهن هي پناهگاهون قائم ڪيون ته اتي معيار هيٺ ويو جڏهن ته هاڻي خوشي آهي ته اه?? معيار بهتر ٿي ويو آهي، هتي ڪم ڪندڙ محنت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي آهي جو ??ريب ماڻهو کي ڏسي اها سوچ اختيار ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي انهن جو ??يال ڪرڻو آهي، ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي ماڻهو بکيا سمهن ٿا، اسان هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جو ??مو کنيو آهي، هي ان طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم چيو ته جن علائقن ۾ بک وڌيڪ هجي اتي ڌيان ڏيڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هن پروگرام مان تمام گهڻو ڪجهه ??کن??اسين، هي پروگرام پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آهي، ان کي مسلسل بهتر بڻائينداسين، ان جو پورو رڪارڊ رکنداسين، ان ۾ مسئلا به ايندا اه?? حل ڪنداسين، ان جو ??ائرو پوري ??اڪ??تان تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌ??ڪ ماڻهن مون کي عطيو ڏنو آهي، جڏهن انهن کي اعتماد هجي ته هي ماڻهو الله جي واسطي ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪيترائي ماڻهو ان ۾ شامل ٿيندا، ملڪ ۾ کلي دل وارا ماڻهو آهن جيڪي الله جي خوشنودي جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا.