اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف ??اچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ??ه پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به ص??رت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به ص??رت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ??ه واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماش??ئي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ??يڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو ??هي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪر??ئي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.