اسل??م آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار ??ون نيون راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين وار?? عمل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متا??ر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.