اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پون??و. ??هڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد عل?? جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد عل?? جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متو??زي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا.