اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، سرسبز علائقن ۾ وڻن کي وڍي وڏيون عمارت??ن اڀيون ڪيون ويون، ماضي جون حڪومتون ٻيلن جي زمين سياسي مقصدن لاءِ ماڻهن کي ليز تي ڏينديون رهيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي منصوبي سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿ??ندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلين ٽري سونامي منصوبي تحت ملڪ ۾ ماکي جي پيداوار وڌائڻ جي پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خ??اب ڪ??دي ڪيو.