اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام کي پاڪستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ قر??ر ڏيندي ان حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ و??ري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو.