اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي قبضي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دع??يد??ر هندستان جو اصل چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي سڄي ??اد?? جيل جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، معصوم ڪشميرين تي جيڪو ظلم برپا ڪيو پيو وڃي ا?? جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان اهو ڏٺو آ??ي ته ان عرصي دوران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ بربريت برپا ڪئي وئي.