اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميا??ي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل مخالف ڌر جي اي پي سي کي آل ڪرپٽ پارٽيز ڪانفرنس قرار ڏيندي چيو آهي ته انقلاب جي لاءِ اخلاقي جرئت ضروري آهي، خ??لي ڳالهيون ڪندڙ اسيمبلين مان استعيفائون ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڏسن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نواز ش??يف جي پرچيءَ واري تقرير مون کي ڇو ڪڍيو واري نئين نظم جي بيانيي کي سندس باقي رهيل چاهيندڙ آسمان تي پهچائي ڇڏين، پر جنهن خيالي انقلاب جون ميان صاحب ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان جي لاءِ اخلاقي جرئت ضروري ??هي?? ٿورو اسيميبلين مان استعيفائون ته ڏيو، ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڏسو.