اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوت?? جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمي?? جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ا?? جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيا?? موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمت?? جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمور??ن آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.