اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ ل??ءِ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عم??درآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته معذور ۽ بزرگ ماڻهن ل??ءِ به خ??وصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ معذور ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.