اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس کي انساني الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت اسان کي وڌ کان وڌ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. اسپيڪر جي صدارت ۾ تبليغي جماعت جي مجلس شوريٰ جي ميمبرن جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، شهريار آفريدي، اعجاز شاهه سميت پرڏيهي وز??رت، ايوي ايشن، گهرو وز??رت ۽ صحت واري وز??رت جي عملدارن شرڪت ڪئي.