لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??رونا جي خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملو صف اول جا سپاهي آهن، ان وبا جي خلاف ??ڙهندڙ سمورن اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، سرندي وارن پاران جناح اسپتال ۾ پي سي آر ليب جو افتتاح ساراهه جوڳو آهي، ڪرونا جي خلاف جنگ گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان کٽينداسين، پٺتي پيل ۽ پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ اهم ترجيح آهي، 1200 ارب رپين جو معاون پئڪيج وزيراعظم جي عو??م دوست سوچ جو اظهار آهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن کي مالي امداد ملڻ جو عمل جلد شروع ٿي ويندو، ڪرونا کي ??يا??ت جي لاءِ استعمال ڪندڙن کي عو??م رد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسپتال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.