اسلام آباد – 12 جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ايران ۽ سعودي عرب جو دورو اختلافن جي پرامن حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي محاذ تي پ??ڪس??ان جي مخلصاڻي ڪوششن جو واضح ثبوت آهي، هي دورو علائقائي امن ۽ استحڪام کي سگهه ڏيندو. سماج?? رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلمان امت ۽ خطي ۾ امن جي مفاد لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ پ??ڪس??ان جي لاءِ اعزاز آهي، جنهن کي اسلامي ملڪ ۽ اولهه دنيا ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيئن پ??ڪس??ان جو اهو روشن ڪردار آهي ۽ ان جي عالمي تشخص کي تبديل ڪري رهيو آهي.