لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??هذ?? معاشرن ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق ناهي هوندو، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ اسان جو مشن ??هي، ملڪي معاشي حالت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، هاڻي اقتصادي واڌاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود معاشري جي ڪمزور طبقن کي مٿي آڻڻ لاءِ احساس جي نالي سان ٺوس پروگرام شروع ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب حڪومت ۽ نجي ڪمرشل بئنڪن جي وچ ۾ آبادگارن کي زرعي قرضن جي 3 ??ينهن جي اندر فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.