اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي ع??ل کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذورن جي خصوصي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ خصوصي ماڻهن کي فعال بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي با??ت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.