اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ انصاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر ??ي اپيل آهي ته ??اڪ??تان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏهن م??يو?? وڃن ته ??اڪ??تان ??ي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه ??اڪ??تان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گري لسٽ ۾ ويو. ڀارت ??اڪ??تان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن ??اڪ??تان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. ??اڪ??تان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، ??اڪ??تان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. ??اڪ??تان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.