اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته ڪو به ماڻهو آئيني حدون ٽپندو آهي يا قانون جي حدن کان ٻاهر ويندو آ??ي ته ان شخص جي ح??الي سان قانون حرڪت ۾ ايندو آهي، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي حڪومت خاص عدالت جي جج جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ??ڃي رهي آهي، وفاقي حڪومت ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪندي ر??ندي، پاڪستان ڪنهن قسم جي افراتفري، قياس آرائي، مبالغه آرائي يا عالمي سطح تي ڪنهن منفي تاثر جي سٽ سهي نٿو سگهي، پاڪستان جي سرحدي صورتحال ۽ اندروني بحران جي صورتحال هڪ ئي خاڪي جو حصو آهي. هو اي پي پي هيڊڪوارٽر ۾ مسيحي ملازمن طرفان ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي ر??ي هئي.