اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خ??اف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪ??د?? چيو آهي ته اه??ا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي ۽ وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ??نصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ??زيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ج?? چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.