اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيمار جي بيماري تي سياست نٿي ڪ??ڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪيترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيرا??ظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيرا??ظم عمران خان نواز شريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيرا??ظم ئي ميان نواز شريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.