ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلوچس??ان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪس??ان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جو صاف موقف آهي ته پاڪس??ان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قي??دت ۾ بلوچس??ان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.