اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل جي مرض واري اسپتال ۾ وڪيل?? جي حملي جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي مسيحا س??يد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانو?? جي رکوال?? جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ جي معاشرتي نظام ۾ ب??تر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقع?? جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئل?? جي حل لاءِ ق??من ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.