اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم ع??شور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم ع??شوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني ج?? ياد ڏياري ٿو ج??ڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي ج?? هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي ج?? جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي ج?? تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي ج??ڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي ج?? عظيم مقصدن ۾ آهي ج??هن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي ح??صل ڪري سگهجي ٿو.