دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حل??م عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري ??لائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري ??ورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري ??ورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري ??ورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حل??م عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مدد گهري ??هيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوا?? علائقي واسين جي مدد ڪري ??نهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.