اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي من??ور?? ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان من??ور?? کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ??ارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي من??ور?? پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي من??ور?? ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي من??ور?? ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ ک??ڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي من??ور?? پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي من??ور?? کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ??مپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ??مپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.