اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي جو خ??وص?? اجلاس پشاور ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني ??يب??پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اين سي او سي جي خ??وص?? ٽيم ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ ٻ??ن صوبن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي موقعي تي جانورن جي منڊين جي حوالي سان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ وبا جي موجوده صورتحال کي ڏٺو ??يو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ??يو. سمارٽ لاڪ ڊائون، هاٽ اسپاٽ جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڏني وئي. ??يب??پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اين سي او سي جي ٽيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي پشاور اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جا ??يب??پختونخواهه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي نالي ڪري ٿو. وڏي وزير اين سي او سي فورم کي ساراهيندي چيو ته اين سي او سي جو قيام مستقل طور تي رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ صوبن سان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽوئررزم جي حوالي سان ??يب??پختونخواهه جي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇو ته ٽوئرازم ??يب??پختونخواهه جي معيشت جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ اين سي او سي جي هر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.