ليکڪ: محمد عامر آفريدي
ترجمو: عدنان کوکر
واپار ماڻهن، ڪمپنين ۽ فرمز، ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ شين ۽ خدمتن جي وڪري يا ڏي وٺ جي عمل کي چوندا آهن، ملڪن جي وچ ۾ خريد ۽ وڪري جي عمل جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار جي ضرورت هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها به حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي ته اهي واپار ۽ واپاري رستن تان نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪن پر واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون، آسانيون ۽ اعتماد به ڏين. ٻن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي سا?? ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي زندگي ۾ خوشحالي اچي ٿي. جڏهن ته ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ آسانين ۽ سهولتن سا?? گڏوگڏ مختلف مسئلا ۽ مشڪلاتون به ٿين ٿيون جن جو جائزو لاڳاپيل حڪومتون وقت بوقت وٺن ٿيون ۽ محفوظ ماحول، سرمائي جو تحفظ ۽ ضمانت، رستي جي سهولت، شين جي درآمد ۽ برآمد جي لاءِ ٽرانسپورٽ، سرحدن ۽ ويزا جاري ڪرڻ جي اهم عمل کي آسان بڻائڻ سميت مختلف قدم کڻن ٿيون.
موجوده وقت ۾ جڏهن دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آهي، فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن ۽ وقت جي رفتار به تيز تر آهي اهڙي صورت ۾ انساني سوچ ۽ فڪر ۽ واپار جا طور طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۾ جدت سا?? ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم هاڻي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سهولتن مان اڳ به ۽ هاڻي به انساني جبلت تحت واپاري ۽ سيڙپڪار ٻن ڏورانهن ملڪن بدران پنهنجي پاڙيسري علائقن يا ملڪن سا?? واپار کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. پاڙيسري ملڪن سا?? واپار جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ امن امان جي بهتري، ويجها لاڳاپا، قومي دفاع ۽ سلامتي جو تحفظ شامل آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان به ويجها پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن آهن جيڪي زبان، ثقافت سا?? گڏوگڏ گڏيل مذهب ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا ايترا مضبوط ۽ بااعتماد آهن جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان تي حملو ڪيو ته ٻين ملڪن جي ابتڙ افغان شهرين وڏي انگ ۾ پاڪستان جو رخ ڪيو جتي انهن نه رڳو عزت ۽ وقار سا?? زندگي گذاري پر اڄ به افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ وڏا ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح عوام سا?? گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم آهن.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب پاڪستان افغانستان جي لاءِ سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ملڪ آهي جتي افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون برآمد ڪيون پيون وڃن جن جي ??ال??ت ڪيترائي سئو ملين ڊالر آهي اهڙي طرح افغانستان پاڪستان جي شڊين جي لاءِ چوٿين وڏي برآمدي منڊي آهي. سا?? 2014ع کان اڳ افغانستانجي لاءِ پاڪستان سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ هو جڏهن تهبعد ۾ پاڪستان سا?? اها پوزيشن ايران جهڙن ٻين ملڪن حاصل ڪئي. افغانستان کي پاڪستان جي اهم برآمدات ۾ ڪڻڪ، سمينٽ، کنڊ ۽ چانور شامل آهن. افغانستان سا?? وڌيڪ پاڪستاني روانگي واپار جو اهو به سبب آهي ته ان ۾ شين جي پهچ ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وقت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت ٿئي ٿي ڇو ته ٻنهي ملڪن جون سرحدون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن جو فائدو افغانستان جي حڪومت ۽ عوام کي پهچي رهيو آهي.
بدقسمتي سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي راهه ۾ ڪجهه مسئلا به درپيش آهن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غيرقانوني واپار آهي، پاڪستان ان غيرقانوني واپار جي خاتمي لاءِ ڪجهه قدم پن کنيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طورخم ۽ چمن بارڊر جهڙيون راهداريون به آهن جتي قانوني طريقي سا?? واپار ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي گڏيل واپار ۾ سگهه، واپارين کي آسانين جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ واپارين تي ٻڌل پاڪ افغان گڏيل ايوان صنعت ۽ واپار پڻ قائم ڪيو آهي. پاڪستان افغانستان سا?? واپار کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ڪيترائي عملي قدم پڻ کنيا آهن جنهن جو اندازو گذريل سا?? 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان پاران طورخم بارڊر ٽرمينل کي هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي حڪم سا?? به ٿئي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب گذريل ??ال?? سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان عرصي ۾ افغانستان پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 825.63 ملين ڊالر رهيو جيڪو ??ال?? سا?? 19 – 2018ع جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽ آهي، ??ال?? سا?? 19 – 2018ع جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 1.101 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ سا?? مئي ۾ افغانستان کي 17.01 ملين ڊالر ??ال??ت جو روانگي واپار ڪيو ويو. گذريل سا?? مئي ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 115.88 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب اهڙي طرح افغانستان سا?? درآمدات ۾ 36.79 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آهي، گذريل ??ال?? سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان سا?? درآمدات جو ڪاٿو 119.32 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. ??ال?? سا?? 19 – 2018ع جي انهي عرصي ۾ افغانستان سا?? 163.13 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي هئي.
ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين تي نظر رکڻ واري عالمي اداري ٽريڊنگ اڪنامڪس پاران جولاءِ 2020ع جي رپورٽ موجب سا?? 2019ع ۾ افغانستان سا?? پاڪستان کي 579.53 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي جن ۾ 175.25 ملين ڊالر ??ال??ت جا ميوا ۽ 155.14 ملين ڊالر ??ال??ت جون ڀاڄيون شامل هيون. اهڙي طرح گذريل سا?? افغانستان سا?? 91.14 ملين ڊالر جي معدنيات ۽ تيل، 57.87 ملين ڊالر ڪپهه ۽ 32.78 ملين ڊالر ??ال??ت جو لوهه ۽ اسٽيل به درآمد ڪيو ويو.
افغانستان جي لاءِ پاڪستاني برآمدات جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي درآمدات جو ڪاٿو گهٽ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل ??ال?? سا?? ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي ڇو آئي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ان بابت جڏهن پاڪ افغان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس ۽ سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ فرنٽيئر ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن جي موجوده صدر ضياءَ الحق سرحدي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پاڪ افغان واپار کي هن وقت مسئلا درپيش آهن ۽ گڏيل واپار ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته هڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو 2.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو جنهن کانپوءِ ان ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي وئي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سڄي دنيا جي معيشتن کي سخت متاذثر ڪيو آهي اتي ان سا?? پاڪستان ۽ افغانستان جون معيشتون به متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون بند هجڻ جي ڪري به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ به پاڪ افغانستان سرحد بند ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان سرحد کي 24 ڪلاڪ کليل رک?? جو اعلان ڪيو، ان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بهتري آئي جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري اها صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت معاملا ڪسٽمز کاتي، انتظاميا ۽ خيبرايجنسي ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ طئي ڪندا هئا جڏهن اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ته پوليٽيڪل ايجنٽ جوڪردار ختم ٿيو، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سمورا انتظام ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي هٿ ۾ هجن ها جڏهن ته ان جي ابتڙ اتي ڊپٽي ڪمشنر ته آهي پر سمورا اختيار ڊي پي او سنڀالي ورتا آهن. ڪسٽمز کانسواءِ اتان جي سرحدي انتظام ۽ انصرام ۾ ڪيترائي ٻيا کاتا به شامل آهن جنهن جي ڪري به واپار متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار بابت معاملن کي ڪيترن ئي کاتن بدران هڪ کاتي کي ڏسڻ گهرجي، ان سا?? گڏوگڏ رستي جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سا?? بنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ?? نه رڳو استحڪام ايندو پر ان ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کان ان حوالي سا?? خاص ڌيان ڏي?? جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزي آڻي سگهجي جنهن سا?? نه رڳو واپاري سرگرميون تيز ٿينديون پر ان سا?? عوام ۽ حڪومتن جي لاءِ خوشيون پڻ کڻي ايندي”.
پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري رابطا نوان نه آهن پر اهي صدين کان قائم آهن، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر حاجي محمد افضل چيو ته جڏهن به امن امان يا دهشتگردي جي ڪري چمن ۽ طورخم سرحد بند ٿئي ٿي ته افغانستان جي عوام لاءِ خوراڪ سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، انهي جي ڪري افغانستان ايران جي سرحد ۽ بندرگاهن جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل واپار جي جيڪا صورتحال آهي ته يقيني طور تي ٻئي ڀائر ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جون عوامي ۽ اقتصادي حالتون به هڪ جهڙيون آهن، ٻئي ملڪ صدين کان ڪاوباري رابطن ۾ واڳيل آهن، جيڪڏهن هڪ طرف پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جي لاءِ افغانستان جي ضرورت آهي ته ٻئي طرف افغانستان وٽ سمنڊ نه آهي ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن ۾ هر ٻئي ڏينهنسرحدن جي بندش سڀ کان وڏو مسئلو آهي، محدود پئماني تي ٽرڪن کي برآمد جي اجازت به هڪ اهم مسئلو آهي، هي اهي حالتون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهن مسئلن جو مستقل حل ضروري آهي، واپارين کي آسانيون فراهم ڪرڻيون پونديون، چيڪنگ جو نظام خودڪار بڻائڻو پوندو، اسڪريننگ جي ذريعي چيڪنگ جو نظام ايترو شفاف بڻائڻو پوندو جو نه رڳو وڏي انگ ۾ درآمد ۽ برآمد ٿئي پر ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻيا معاملا پڻ آسان بڻائي سگهجن. ان سا?? نه رڳو پاڪستان ۽ افغانستان جي اقتصادي حالت ۾ بهتري ايندي پر ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ غلط فهميون به ختم ٿينديون. هنچيو ته امن امان جي صورتحال به ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرحد جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو خوشحال هجن ۽ ڪاروبار جي ذريعي آمدني حاصل ٿئي ته ماڻهو ٻين سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا. اسان کي انهن معاملن کي گهري نظر سا?? ڏسڻو ۽ ان بابت سوچڻو پوندو.