لڪسمبرگ – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جو معاملو يورپي يونين آڏو اٿاريو آهي. ان سلسلي ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان ??ي سفير ظهير اي جنجوعه يورپي پارليامينٽ ۾ سياسي گروپ ??ي سربراهه ۽ يورپي يونين جي انساني حقن بابت جي خصوصي نمائندي کي هڪ خط لکيو آهي. پاڪستان يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ته اها ڀارت جي بدنام زمانه تهار جيل ۾ قيد ڪشميري انساني حقن ??ي سرگرم ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جي فوري آزادي جي لاءِ مداخل?? ۽ ??دالت پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي خطري کي ر??ڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.