اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تع??يمي ادارا 26 نومبر ??ان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر ??ان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تع??يمي امتحان ج??ڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تع??يمي ادارا آن لائين تع??يم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تع??يم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تع??مي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت ??ابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.