??سل??م آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ه??ند?? هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، م??تح??ين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ ورهايا ويندا، م??تح?? خاندانن کي 12 هزار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.