اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ني?? قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ??رقي جي ڦ??ٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪري ??هي آهي، اين آر او متعارف ۽ فائده کڻندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ ديانتد??ر ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.