اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي ??ي پي) ڪابينا وي آءِ پي شخصيت جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ڪابينا ??ي ذيلي ڪميٽي وي آءِ پي شخصيت جو نالو ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا ??تفاق راءِ سان توثيق ڪري ڇڏي، ڪابينا ملڪ ۾ ه?? ٻيو هڪجهڙو قانون لاڳو تي اتفاق ڪيو، وفاقي ڪابينا گهرو وزارت طرفان ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي حوالي سان تجويز، زندگي بچائيندڙ سميت ٻين اهم 89 دوائن جي قيمت ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي، لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ ماڻهن جي لاءِ خصوصي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظ?? جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪايبنا ??ي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ??قتصادي رابطا ڪميٽي جي 12 ڊسمبر 2019ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آهي.