اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 394 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪور??نا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 560، اسلام آباد ۾ 2 هزار، 274 بلوچستان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي ??هي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪور??نا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 87 ڪور??نا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آه??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .