اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تع??يم?? ادارا کولڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا ??با کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تع??يم?? ادارا پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان و?? بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪو??ڊ ?? 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تع??يم?? ادارا کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت ??ابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.